تهران ( ويب ڊيسڪ) ايران ۾ مسافر بس خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڏهه ڄڻا فوت ۽ 41 زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، مسافر بس ايران جي شهر بوشهر کان مشهد وڃي رهي هئي ۽ مبينا طور تي تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ظابطي مان نڪري حادثي جو شڪار ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، في الحال اِهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته بس ۾ سوار مسافر پانڌيئڙا هئا يا مقامي شهري ۽ نه ئي فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ وارو عمل مڪمل ٿي سگهيو آهي.
You might also like