مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾ غربت، بُک، بيمارين ۽ گهرو اڻبڻت سميت زميني حالتون موت جو سامان بڻجي ويون، هڪ ڏينهن ۾ 5 ڄڻن زندگين جو اَنت آڻي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ وڄوٽي ٿاڻي جي حد ۾ 17 ورهين جي پريم ولد هيرو ڀيل وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو اَنت آندو، اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سرنگهه واري ۾ نوجوان دولت ڀيل موت کي قبول ڪيو، ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪويا لڳ مهرو جي ڍاڻي ۾ 45 ورهين جي عورت مروان زال تاراچند ڪولهي گهر اندر رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو، ڏانو ڌانڌل لڳ ڳوٺ ھيراڙ ڏيٿا ۾ ھڪ ٻار جي ماءُ 24 ورهين جي حرمي زال دولت ميگھواڙ به گھر ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي، مٺي جي ڳوٺ آمريو ۾ رحيما ڌيءُ مبارڪ جوڻيجو گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏي، جڏهن ته هلندڙ سال جي 9 مهينن دوران 105 ڄڻن خودڪشين ذريعي موت کي قبول ڪيو آهي،صرف ننگرپارڪر تعلقي ۾ 32 خودشين جا واقعا ٻُڌايا پيا وڃن،ڪوئلي سميت معدني وسيلن سان مالامال هن خطي جا مارو ماڻهو مايوسين ۾ گهيرجي جيئڻ تان هٿ کڻي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي خودڪشين واري معاملي تي خاموشي سواليا نشاني بڻجي وئي آهي، ٿر ۾ ٿيندڙ خودڪشين جي مڪمل جانچ ناهي ڪئي ويندي،مجبور مائيٽن جي بيانن جي آڌار تي فوتين کي چريو يا دماغي توازن دُرست نه هجڻ جو ڄاڻائي قصو بند ڪيو ويندو آهي.