آئيني ترميمون پارليامينٽ ۾ ڪڏهن پيش ڪيون وينديون؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت وفدن جي رات دير سان ملاقاتن، رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ سڀ ناڪام ٿي ويا ۽ آئيني ترميمون اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون آهن.
ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي دوري تان واپسي تائين آئيني ترميمي بل ملتوي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم جي واپسي تي آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ۽ نئين آئيني عدالت جي جوڙ جڪ سميت ٻيون ترميمن جي منظوري لاءِ گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪيا ويا هئا پر مولانا فضل الرحمان ۽ اپوزيشن جي اعتراضن ۽ تجويزن سبب آئيني ترميمون منظوري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ٿي سگهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.