اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي ڊپٽي رجسٽرار اليڪشن ڪميشن جي متفرق درخواست تي اٺن ججن طرفان جاري وضاحت تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي نوٽ لکي ڇڏيو.
ڊپٽي رجسٽرار طرفان نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته سپريم ڪورٽ 12 جولاءِ واري فيصلي تي ڪائي وضاحت جاري ڪئي جڏهن ته لاڳاپيل ڌرين کي رجسٽرار آفيس طرفان ڪو به نوٽيس جاري ناهي ڪيو ويو.
ڊپٽي رجسٽرار موجب، اليڪشن ڪميشن جي وضاحت جي درخواست تي نوٽيسز به جاري ناهن ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن جي متفرق درخواست تي وضاحت سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي هئي.
ڊپٽي رجسٽرار طرفان نوٽ 14 سپٽيمبر تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي لکيو ويو، نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي متفرق درخواست تي جاري ڪيل وضاحت سپريم ڪورٽ آفيس کي رات اٺين وڳي تائين نه مليون.
ياد رهي ته 12 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ۽ مخصوص سيٽون تحريڪِ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.
ڊپٽي رجسٽرار پاران 8 ججن جي وضاحتي بيان کان اڻڄاڻي جو اظهار، رجسٽرار کي نوٽ لکي ڇڏيو
You might also like