راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته آئيني ترميم جو مقصد رڳو مون کي جيل ۾ رکڻ آهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته آئيني عدالت انڪري ٺاهي رهيا آهن ڇو ته هو سپريم ڪورٽ کان ڊنل آهن.
هن چيو ته نين ترميمن سان ملڪ جو مستقبل تباهه ٿي ويندو، آئيني ترميم جو مقصد رڳو مون کي جيل ۾ رکڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪمرانن عدليا جو ٻيڙو ٻوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اِهو سڀ ڪجهه اليڪشن فراڊ لڪائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.
عمران خان چيو ته هو ڊنل آهن جيڪڏهن اليڪشن فراڊ کُلي ويو سڀ ڪجهه ريورس ٿي ويندو، هو سمجهن ٿا ته اسان ان معاملي تي خاموش ويهنداسين، اسان ڀرپور احتجاج ڪنداسين.