وزيراعظم جو اوزون تهه جي عالمي ڏينهن بابت اهم پيغام

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اهي عالمي برادري سان گڏجي اوزون تهه جيڪو هر جاندار کي سج جي تيز شعاعن کان بچائي ٿو، جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڪوششن جو جائزو وٺندا ۽ انهن کي جاري رکڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪن ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف اوزون تهه جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بدقسمتي سان اوزون تهه کي انساني سرگرمين سخت متاثر ڪيو آهي ۽ ان ۾ سوراخ جو سبب بڻيون آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوزون تهه ۾ سوراج انسانن سميت زمين تي رهندڙ هر جاندار کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن تحت ويانا ڪنوينشن ۽ مونٽريال پروٽوڪول ذريعي عالمي ڪوششن جي نتيجي ۾ اوزون تهه ۾ سوراخ کي گهٽائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان عالمي برادريءَ جي اوزون تهه جي حفاظت لاءِ انهن عالمي قدمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان 1992ع ۾ مونٽرالن پروٽوڪول ۾ واڌ ڪئي جيڪا اوزون تهه کي ختم ڪندڙ ڪيميڪلز او ڊي ايس کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي اسان جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان 2009 تائين اوزون تهه کي ختم ڪندڙ ڪيميائي مادن جي پهرين قسم کي ختم ڪري مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جنوري 2020 تائين ايڇ سي ايف سي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف حاصل ڪري ورتو.
وزيراعظم چيو ته اهي 2025ع تائين سندن ڪيترين ئي صنعتن کي اوزون دوست ٽيڪنالوجيز تي منتقل ڪري 67 ڏهائي 5 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششن ۾ مصروف آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.