اپوزيشن ۽ حڪومتي جماعتن آئيني عدالت جي مشروط حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پارليامينٽ جي اسپيشل ڪميٽي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي پارٽين آئيني عدالت جي مشروط حمايت ڪري ڇڏي.
پارليامينٽ جي اسپيشل ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، اپوزيشن ۽ حڪومتي اتحادين آئيني عدالت جي مشروط حمايت ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ، جَي يو آءِ ۽ حڪومتي اتحاد جي پارٽين آئيني عدالت تي مشروط راضي آهن.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري معاملي تي حڪومت جو ساٿ نه ٿا ڏئي سگهون.
ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان بل تي وڌيڪ مشاورت ڪرڻ جي تجويز ڏني جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين موقف اختيار ڪيو ته تڙ تڪڙ ۾ قانون سازي نه ڪئي وڃي، هي اهڙو آئيني معاملو آهي جنهن تي وڌيڪ مشاورت گهربل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.