چيف جسٽس کي کنڊ جي قيمت طئي ناهي ڪرڻي، آئيني ترميم پارليامينٽ جو حق آهي: قانون وارو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اِهو طئي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي ته ملڪ جي ڊائريڪشن ڇا هئڻ گهرجي، جڏهن اتحادي حڪومت ٺهي تڏهن اِهو طئي ٿيو هو ته آئين ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪابينا ۽ اسپيشل ڪميٽي جي منظوريءَ کانپوءِ ئي بل ايوان ۾ آڻي سگهجي ٿو، ڄاڻايل ترميم ۾ آئيني عدالت جي تجويز آهي، پر عرصي ۾ رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس سان جوڙيو ويو۽ عداليا تي حملو قرار ڏنو ويو، هيءَ ڪا رات جي اونداهي ۾ ٿيندڙ قانون سازي نه آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن 18 هين ترميم آئي تڏهن به ڪيئي ڳالهيون ڪيون ويون هيون، آئيني ڍانچي ۾ رهندي آئين ۾ ترميم پارليامينٽ جو حق آهي، ملڪ جي ڊائريڪشن جو تعين پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، کنڊ جي قيمت چيف جسٽس کي طئي ناهي ڪرڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.