اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ سيد نويد قمر چيو آهي ته اِهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هڪ پارٽي جي فتح ۽ ٻي پارٽي جي شڪست ٿي آهي، جيڪڏهن فتح ٿي آهي ته پارليامينٽ جي ٿي آهي ۽ جيڪڏهن شڪست ٿي آهي ته پارليامينٽ جي ٿي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نويد قمر چيو ته آئيني ترميمون سڀني جي مشاورت سان منظور ٿي سگهنديون، هر شئي کي اڄ جي سياست جي چشمي سان نه ڏسڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته عدليا طاقتور هوندي ته سندن فائدو ٿيندو پر جيڪڏهن پارليامينٽ مضبوظ ٿيندي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ کي فائدو ٿيندو.
آئيني ترميم بل: اِهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هڪ پارٽي جي فتح ۽ ٻي جي شڪست ٿي آهي، نويد قمر
You might also like