متحدا حڪومت جي اتحادي ضرور آهي پر اسان نون ليگ نه آهيون: فاروق ستار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) متحدا قومي موومينٽ جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته اپوزيشن ڊرافٽ ۽ ورڪنگ پيپر نه ملڻ جي شڪايت ڪري رهي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران فاروق ستار چيو ته اسپيشل ڪميٽي ۾ ڊرافٽ نه رکيو ويو ته ورڪنگ پيپر رکڻ گهرجي ها.
حڪومتي اتحادي هئڻ بابت ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته متحدا حڪومت جي اتحادي ضرور آهي، پر اسان نون ليگ نه آهيون.
فاروق ستار حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته جيستائين طريقڪار ٺيڪ نه ڪيو ويندو تيستائين سڌارا ناممڪن آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.