ڪجريوال جي استعيفيٰ، دهليءَ تي حڪمراني لاءِ امڪاني اميدوارن جا نالا ۽ تفصيل سامهون اچي ويا

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال طرفان استعيفيٰ جي عالان کانپوءِ نئين وڏي وزير لاءِ ٽي نالا گردش ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، شراب پاليسي ڪيس ۾ ضمانت نه ملڻ کانپوءِ ڪجريوال آچر جي ڏينهن اوچتو وڏ وزارت جي منصب تان استعيفيٰ ڏيڻ جي فيصلي بابت پارٽي قيادت کي آگاهه ڪيو.
اروند ڪجريوال چيو ته هو جلد ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو ۽ هاڻي ان وقت ئي منصب سنڀاليندو جڏهن عوام کيس ايمانداريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندو.
ميڊيا رپورٽس موجب، نئين دهلي جي وڏي وزير طرفان اوچتو استعيفيٰ جي اعلان کانپوءِ وڏي وزير جي ڪُرسي لاءِ ٽي نوان نالا گردش ڪري رهيا آهن جن ۾ گوپال راءِ، ڪئلاش گاهلوٽ ۽ سُنيتا ڪجريوال شامل آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، 49 ورهين جو گوپال راءِ عام آدمي پارٽي جو تجربيڪار اڳواڻ آهي ۽ دهليءَ جي سياست ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي، هو هن وقت ڪابينا ۾ ماحوليات، ٻيلن، جنگهلي جيوت، ترقي ۽ جنرل ايڊمنسريشن جو وزير آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻيو مضبوط اميدوار پنجاهه ورهين جو ڪئلاش گاهلوٽ آهي جيڪو هن وقت ٽرانسپورٽ جي وزير طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، هو دهلي جي سياست جو هڪ وڏو نالو آهي.
ٽرانسپورٽ وزير طور ڪئلاش نئين دهليءَ ۾ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر لاءِ ڪيئي رٿائن تي ڪم ڪيو آهي.
ان کانسواءِ اروند ڪجريوال جي گهرواري به امڪاني اميدوارن ۾ شامل آهي، هوءَ به پنهنجي مڙس جيان انڊين ريونيو سروس سان واسطو رکندڙ آهي ۽ هن ٻن ڏهاڪن تائين انڪم ٽيڪس کاتي ۾ ذميواريون انجام ڏنيون چڪي آهي، سُنيتا جو ڳاڻيٽو عام آدمي پارٽي جي اهم اڳواڻن ۾ ٿيندو آهي.
ياد رهي ته ڪجريوال کي ڇهه مهينا اڳ شراب پاليسي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سندس ضمانت جي درخواست ڪيئي ڀيرا رد ڪئي وئي جنهن کانپوءِ گذريل هفتي ڀارتي سپريم ڪورٽ کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.