اسلام آباد (فخر دراني/اسد طور) آئيني ترميم لاءِ جوڙ ٽوڙ ۽ نمبر گيم جي راند هلندي رهي. مولانا فضل الرحمان سان رات دير تائين وفد ملندا رهيا. حڪومتي وفد ۽ پي ٽي آءِ جي وفد به ساڻس ملاقاتون ڪيون. مولانا فضل الرحمان جي هڪ تجويز اها آهي ته مدي ۾ واڌ ڪنهن به اداري لاءِ نه هجڻ گهرجي ۽ اها سٺي ڳالهه ناهي. مولانا فضل الرحمان چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي حق ۾ نه آهي، حڪومت کيس قائل ڪري رهي آهي ته اهو ڪنهن هڪ شخص جي لاءِ ناهي. مولانا فضل الرحمان کي اهو به قبول ناهي ته ججن جو انگ وڌايو وڃي. آئيني عدالتن جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان مڃي ورتو آهي. اصل ۾ مولانا فضل الرحمان جا ڪجهه مطالبا به آهن. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان بلوچستان حڪومت ۾ حصو گهريو آهي. بلوچستان ۾ حڪومت پيپلزپارٽي جي آهي سندس مطالبو آهي ته کيس وڏ وزارت ڏني وڃي. سندس ٻيو اهم مطالبو اهو آهي ته مدرسن مان تعليم پرائيندڙ مفتين ۽ عالمن لاءِ عدالتن ۾ جج طور مقررين جا رستا کولڻ گهرجن. ان سان اهو ٿيندو ته جيڪي دهشتگرد هوندا آهن ته جڏهن سزا ڪو مفتي يا عالم ڏيندو ته ان جي ساک وڌيڪ هوندي. ان لاءِ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پي پي سي ۾ ترميمون ڪيون وڃن ۽ لوئر جڊيشري ۾ مفتين ۽ عالمن جي جج طور مقرري جو ڪو طريقيڪار واضح ٿيڻ گهرجي. حسبا بل پهريان رد ٿي چڪو هو پر هاڻي مولانا فضل الرحمان چاهي ٿو ته ڪنهن ٻئي طريقي سان ان کي اڳتي وڌائجي. مولانا فضل الرحمان جي خواهش آهي ته سندس ووٽ بينڪ به مضبوط ٿئي ان لاءِ هو پنهنجي ديوبند جي مفتين ۽ عالمن لاءِ روزگار جا در کولڻ چاهي ٿو. سندس انهن مطالبن تي ڳالهيون بيٺيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان حڪومت جي حوالي سان ساڻس ملڻ ويو ۽ حڪومت طرفان قانون واري وزير کيس خاطري ڪرائي وئي ته پي پي سي يا لوئر جڊيشري بابت ڪم ڪري سگهجي ٿو. اهو چيو ويو هو ته مولانا خيبرپختونخوا جي گورنر شپ به گهري رهيو آهي ۽ حڪومت کيس ڏئي سگهي ٿي پر مولانا فضل الرحمان خيبرپختونخوا ۾ گورنر شپ نٿو وٺڻ چاهي سندس ڌيان بلوچستان تي آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ کيس اهو چيو ته اوهان جي سياست تڏهن بچندي جڏهن اوهان اسان سان گڏ رهندا. پي ٽي آءِ کيس ڪا آڇ ناهي ڪئي. هن سموري منظرنامي ۾ نواز شريف ملاقات نه ڪري رهيو هو پر هاڻي نواز شريف به ظاهر ٿي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته آئيني ترميمون پاس ڪرائڻ لاءِ معاملا طئي ٿي ويا آهن.