اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ان کان اڳ سينيٽ جو اجلاس به اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪيو ويوهو.
اڄ ٿيل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به آئيني ترميمي بل جو مسودو پيش نه ٿي سگهيو، گذريل ٻن ڏينهن کان اِهو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته حڪومت آئيني مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهي ٿي.
هاڻ حڪومتي ميمبرن اشارو ڏنو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ آئيني ترميمن تي اتفاق راءِ کانپوءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو.
آئيني ترميمي بل پيش نه ٿي سگهيو، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي
You might also like