ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ ئي ڏينهن منڪي پاڪس جا 3 شڪي ڪيس سامهون اچي ويا، جدا ۽ دبئي کان ايندڙ مسافرن ۾ منڪي پاڪس جون علامتون ظاهر ٿيون آهن.
مسافرن ۾ ٻه هڪ ۽ هڪ عورت شامل آهي، جدا کان ايندڙ 32 ورهين جي عورت ۾ منڪي پاڪس جون علامتون ظاهر ٿيون، جڏهن ته 18 ورهين جو نوجوان منڪي پاڪس جي علامتن سان دبئي مان ڪراچي پهتو آهي.
اهڙي ريت منڪي پاڪس ۾ مبتلا 42 ورهين جو مسافر سعودي ايئر جي اڏام ايس وي 708 ذريعي جدا کان ڪراچي آيو آهي، ٽنهي مريضن کي انفيڪشن ڊيزيز اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٽيسٽ رپورٽ اچڻ تائين مسافرن کي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويندو.
You might also like