ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيل ٽائون پوليس ڊيزل ۽ پيٽرول جي سمگلنگ جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتا ڪري ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل سان ڀريل ٽينڪر برآمد ڪري ورتو.
اسٽيل ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي سومار ڳوٺ روڊ ڀرسان ڪارروائي ڪندي ايراني ڊيزل ۽ پيٽرول جي سمگلنگ جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدار عنايت الله کي گرفتار ڪيو.
ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب موجب جوابدار جي قبضي مان 10 هزار ليٽر ايراني پيٽرول، 5 هزار ليٽر ايراني ڊيزل ۽ سپلاءِ ۾ استعمال ٿيندڙ ٽينڪر برآمد ڪيو ويو آهي.
گرفتار جوابدار پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ڪيو ته هو غير قانوني ايراني ڊيزل ۽ پيٽرول شهر جي مختلف علائقن ۾ سپلاءِ ڪندو هو، گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
Next Post
You might also like