ڪو به کاڌو ساون ڌاڻن بنا اڻ پورو سمجهيو ويندو آهي، ساون ڌاڻن جو تاثير ٿڌو هوندو آهي، اهي نه رڳو کاڌي ۾ ذائقو پيدا ڪندا آهن پر صحت کي به فائدو پهچائين ٿا.
تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ڌاڻا دل جي بيماري، ٿولهه، شگر سميت وارن ۽ جلد لاءِ به فائديمند آهن.
ڌاڻن ۾ ڪاربوهائيڊريٽس، پروٽين، آئرن، وٽامن سي، وٽامن اي ۽ وٽامن بي 2 وڏي مقدار ۾ هوندو آهي.
ساون ڌاڻن ۾ سوڄ جي خاتمي جي صلاحيت هوندي آهي، ان کانسواءِ اهي اينٽي مرگي ۽ اينٽي ڊپريسنٽ خاصيتون به رکن ٿا.
ٿائيرائيڊ سان متاثر ماڻهن کي رات جو سمهڻ وقت پگهر ايندو آهي ۽ جسم ۾ گرمي وڌيڪ پيدا ٿيندي آهي، اهڙن ماڻهن کي گهرجي ته اهي ساون ڌاڻن جو استعمال ڪن.
ڌاڻن ۾ بيٽا ڪيروٽين ۽ لوٽين جهڙي اينٽي آڪسيڊنٽ جو خزانو هوندو آهي، جيڪي رت جي خلين کي ٽٽڻ کان بچائيندا آهن.
هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڌاڻن جو باقاعدگي سان استعمال اکين جو نور متاثر ٿيڻ کان بچائي ٿو ۽ گڏوگڏ ڪينسر جي خطري کي به گهٽ ڪري ٿو.
ڌاڻا شگر جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ به بهترين آهن، ڇو ته اهڙن مريضن جو وات خشڪ رهندو آهي ۽ ڌاڻن جي استعمال سان ان مسئلي مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي.
You might also like