بي مهلو کائي پاڻ کي نقصان نه پهچايو، کاڌي جا بهترين وقت ڪهڙا آهن؟ ڄاڻيو

سٺي خوراڪ سٺي صحت جي ضامن آهي پر توهان جي کاڌي جو وقت به اهميت رکي ٿو.
جسم توانائي کي مختلف طريقن سان منظم ڪندو آهي ۽ اهو ان ڳالهه تي ڀاڙي ٿو ته توهان ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي غذا کائو ٿا، تنهن ڪري ضروري آهي ته توهان بهتر غذا سان گڏ وقت جو به خيال رکو.
نيرن
صبح جي وقت جسم کي توانائي جي ضرورت هوندي آهي، تنهن ڪري مناسب کاڌو کائڻ ضروري آهي، نيرن نه ڪرڻ صحت لاءِ نقصانڪار آهي، خالي پيٽ ڏينهن جي شروعات توهان لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي.
ننڊ مان اٿڻ کانپوءِ 30 منٽن جي اندر ۽ صبح 10 وڳي تائين نيرن ڪري ڇڏڻ گهرجي، توهان نيرن ۾ بيضا، ڏهي، ميوا کائي سگهو ٿا.
منجهند جو کاڌو
ڪم جي دٻاءَ يا ڪنهن مصروفيت سبب توهان منجهند جي ماني کائڻ ۾ دير ڪري سگهو ٿا پر اهو نقصانڪار آهي، نيرن جي 4 کان 5 ڪلاڪن بعد توهان کي منجهند جي ماني کائي ڇڏڻ گهرجي، مثال طور جيڪڏهن توهان صبح جو 7 وڳي نيرن ڪئي آهي ته 11 يا 12 وڳي ماني کائڻ جو منصوبو ٺاهيو.
رات جو کاڌو
نيرن ۽ منجهند جي کاڌي جيان توهان کي رات جي کاڌي جو به شيڊيول جوڙڻ گهرجي، سمهڻ کان اڳ وڌيڪ ڪيلوريز وارا کاڌا کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سان نه رڳو ننڊ ۾ خلل پيدا ٿيندو پر دائمي مرض به ٿي سگهن ٿا، رات جو پيٽ ڀري نه کائو ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته منجهند جي کاڌي ۽ رات جي کاڌي ۾ 7 کان 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ جو وقفو نه هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.