ڇا سياري جي موسم ۾ ڏهي کائڻ گھرجي؟

صدين کان انسان ڏهي کائي رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ به ان جو استعمال گھڻو ٿيندو آهي.

روز ڏهي کائڻ صحت لاءِ گھڻو فائديمند آهي.

مثال طور تي هڪ ڪوپ ڏهي سان جسم کي روز گھربل ڪيلشيم جو لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو مقدار ملي ويندو آهي جنهن سان هڏن کي فائدو ٿيندو آهي.

ان کان هٽي ڪري به ڏهي ۾ ڪيترائي غذائي جُز موجود آهن جن سان صحت کي فائدو ٿيندو آهي.

پر گھڻا ماڻهو سياري ۾ ڏهي کائڻ کان پاسو ڪندا آهن ڇو جو اُهي سمجهندا آهن ته ڏهي کائڻ سان کنگهه ۽ زڪام ٿيندو آهي.

پر طبي سائنس ان بابت ڇا ٿي چوي؟

طبي ماهرن موجب ٿڌي موسم ۾ ڏهي کائڻ صحت لاءِ فائديمند آهي ڇو جو اها مختلف غذائي جُزن ۽ بائيوٽڪس حاصل ڪرڻ جو سٺو ذريعو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هر فرد جي پنهنجي ترجيح هوندي آهي پر ڏهي کي ٿڌي موسم ۾ مختلف انداز ۾ خوراڪ جو حصو بڻائي سگھجي ٿو ۽ ان کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.

سياري ۾ ڏهي کائڻ سان فائدا هيٺ بيان ڪجن ٿا.

پروبائيوٽڪس حاصل ڪرڻ

ڏهي ۾ موجود بيڪٽيريا معدي جي صحت لاءِ فائديمند هوندا آهن.

پروبائيوٽڪس يا بيڪٽيريا معدي جي سٺي صحت لاءِ ضروري هوندا آهن.

اهي بيڪٽيريا هاضمي جي نظام جي مختلف مرضن جهڙوڪ پيٽ جي مسئلن کان بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن.

غذائي جُز حاصل ڪرڻ

ڏهي ۾ لڳ ڀڳ اُهي سمورا جُز هوندا آهن جن جي اسان جي جسم کي ضرورت هوندي آهي.

ڪيلشيم سان هڏن ۽ ڏندن کي فائدو ٿيندو آهي.

اهڙي طرح ڏهي ۾ بي وٽامنز خاص طور تي وٽامن بي 12 ۽ وٽامن بي 2 جو مقدار گھڻو هوندو آهي اهي ٻئي وٽامنز دل جي مرضن کان تحفظ فراهم ڪنديون آهن.

ڏهي جي هڪ ڪوپ سان جسم کي روز گھربل فاسفورس جو 28 سيڪڙو، ميگنيشيم جو 10 ۽ پوٽشيم جو 12 سيڪڙو مقدار ملي ويندو آهي. اهي ٽئي جسم جي مختلف فعلن جهڙوڪ بلڊ پريشر، ميٽابولزم ۽ هڏن جي صحت لاءِ ضروري هوندا آهن.

ڏهي ۾ وٽامن ڊي ناهي هوندي پر فورٽيفائيڊ ڏهي ۾ وٽامن ڊي هوندي آهي.

مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائيندي آهي

ڏهي ۾ موجود پروبائيوٽڪس سان مدافعتي نظام مضبوط ٿيندو آهي جنهن سان جسم کي مختلف انفيڪشنز ۽ بيمارين سان وڙهڻ ۾ مدد ملندي آهي.

مدافعتي نظام مضبوط ٿيڻ سان ٿڌي موسم ۾ موسم نزلي، زڪام يا فلو کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

جسماني وزن ڪنٽرول ۾ رکڻ

مختلف تحقيقي رپورٽن ۾ ڏهي کائڻ جي عادت کي جسماني وزن گھٽائڻ سان سلهاڙيو ويو آهي جڏهن ته جسماني چرٻي م به گھٽتائي ٿيندي آهي.

کَلَ کي فائدو ٿيندو آهي

ڏهي ۾ موجود جُز خاص ڪري وٽامن بي 12 کَلَ جي صحت کي سياري جي موسم ۾ صحتمند رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي.

ڏهي کائڻ سان گڏ کَلَ تي لڳائڻ سان خشڪ کَلَ جي گھم بحال ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

هڏا مضبوط بڻائي

ڏهي ۾ موجود ڪيلشيم ۽ ٻين جُز هڏن کي مضبوط بڻائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪندا آهن.

ڪيلشيم، پروٽين، پوٽاشيم ۽ فاسفورس سڀ هڏن کي مضبوط بڻائيندا آهن ۽ تحقيق رپورٽن ۾ ثابت ٿيو آهي ته روز ڏهي کائڻ سان هڏن جي مرضن کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.