اختر مينگل جو آئيني ترميم جي حمايت تي گم ٿيل ماڻهن جي آزادي جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئيني ترميم جي معاملي تي سينيٽ ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جا ٻه ووٽ اهميت اختيار ڪري ويا.
ذريعن موجب اڳوڻي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، سردار اختر مينگل سان رابطو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اختر مينگل آئيني ترميمن جو مسودو گهري ورتو آهي ۽ صادق سنجراڻي اختر مينگل جي مطالبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
ذريعن موجب اختر مينگل سينيٽ ۾ ٻن ووٽن جي بدلي ٻه هزار گم ٿيل ماڻهن جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن ٻڌايو ته صادق سنجراڻي اختر مينگل جي مطالبن تي ڳالهه ٻولهه جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.