اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان اڄ رات پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
اوگرا پهرين سيپٽمبر کان 14 سيپٽمبر تائين ڪروڊ آئل جي عالمي اگهن ۾ لاٿ موجب ڪليوڪيشن ڪري پيٽروليم وزارت جي مشاورت سان ناڻي واري وزارت کي 6 کان 10 رپين تائين لاٿ جي سمري موڪلي آهي.
پاڪستان پيٽروليم ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري ياسر رضا چوڌري موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت اپريل 2024 ۾ 90 ڊالر في بيرل رهي، جيڪا هاڻ سيپٽمبر ۾ گهٽجي 70 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل 6 مهينن جي گهٽ ترين سطح آهي.
You might also like