اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان تجويز ڪيل آئيني ترميمون سامهون اچي ويون، جن ۾ 20 کان وڌيڪ شقون شامل آهن.
ذريعن موجب آئين جي شقن 63، 51، 175، 187 ۾ ترميمون شامل آهن، بلوچستان اسيمبلي جي نمائندگي ۾ واڌ، بلوچستان اسيمبلي جون سيٽون 65 مان وڌائي 81 ڪرڻ ۽ آئين جي آرٽيڪل 63 ۾ ترميمون شامل آهن.
باغي ميمبرن جو ووٽ، آرٽيڪل 63 ۾ ترميم، آئين جي آرٽيڪل 181 ۾ به ترميم ڪرڻ جو امڪان آهي، آئيني عدالت جي فيصلي تي اپيل آئيني عدالت ۾ ٻڌي ويندي، آئيني عدالت ۾ آرٽيڪل 184، 185، 186 بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿيندي.
هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ٻين صوبن جي هاءِ ڪورٽس ۾ ٽرانسفر ڪرڻ جي تجويز آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري سپريم ڪورٽ جي 5 سينيئر ججن جي پئنل مان ٿيندي.
حڪومت سپريم ڪورٽ جي 5 سينيئر ججن مان چيف جسٽس لڳائيندي، آئيني عدالت جا باقي 4 جج به حڪومت مقرر ڪندي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي کي گڏ ڪيو ويندو.
تجويز ڪيل آئيني ترميمون سامهون اچي ويون، چيف جسٽس جي مقرري جو اختيار حڪومت کي ڏيڻ جي تجويز
You might also like