سنڌ ڪابينا پاران ڪارونجهر جي 2 لک مان رڳو 21 هزار ايڪڙ ايراضي”ثقافتي ورثو“ قرار !

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ حڪومت ڪارونجهر کي سنڌ ثقافتي ورثو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پهرين جولائي 2024 کان ڊيفائنڊ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 2

ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم 2024 لاڳو ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني آهي. اهڙو فيصلو ڪالهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ ھائوس ۾ ٿيو، جنھن ۾ صوبائي وزيرن، مشيرن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري ڪابينا اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم 2024 متعارف ڪرائڻ شامل آهي. اها اسڪيم پھرين جولاءِ 2024 کان شروع ٿيندي ۽ حڪومت ۽ ملازم ٻئي عارضي طور تي ترتيبوار 12 ۽ 10 سيڪڙو جي شرح سان پنھنجو حصو وجھندا، ڪابينا سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع جي سيڪشن 20 ۾ سب سيڪشن (4) کانپوءِ نئون سب سيڪشن (5) شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. تجويز ڪيل ترميم موجب ڪنهن به مقرر يا باقاعده سرڪاري ملازم کي سنڌ سول سروس ترميمي ايڪٽ 2024 تحت سرڪاري ملازم سمجهيو ويندو پر پينشن يا گريجوئيٽي جو حقدار نه هوندو. پينشن ۽ گريجوئيٽي بدران سرڪاري ملازم کي حڪومت طرفان ڏنل رقم وصول ڪرڻ جو حق هوندو. حڪومتي فنڊ سندن اڪائونٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. سرڪاري ملازم جي لاڏاڻي جي صورت ۾ سندس خاندان کي پينشن فنڊ فراهم ڪيو ويندو. ڪابينا سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع ۾ تجويز ڪيل ترميم کي صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سنڌ ڪابينا سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ميرپورخاص جي فيصلي جي روشني ۾ 21 هزار ايڪڙن تي مشتمل ڪارونجھر رينج کي محفوظ ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ثقافت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ان جو نوٽيفڪيشن سرڪاري گزيٽ ۾ جاري ڪيو وڃي، اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ 1.5 ايم جي ڊي ميگا آر او پلانٽ هلائڻ لاءِ 434.109 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي ته مقامي آبادي جي فائدي لاءِ ايندڙ ٽن مهينن اندر آر او پلانٽ جي بحالي واري ڪم کي مڪمل ڪيو وڃي. سنڌ ڪابينا غور ويچار کانپوءِ ڊجيٽل سنڌ ڏانهن سفر شروع ڪندي سنڌ آءِ ٽي ڪمپني کي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي.، اجلاس دوران اسڪول ايجوڪيشن کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز (بي اي سي ايس)  جا 5019 استاد اڃا تائين 25000 رپيا ماهوار اعزازيو حاصل ڪري رهيا آهن. ڪابينا مڪمل غور ويچار کانپوءِ اين سي ايڇ ڊي ۽ بي اي سي ايس استادن کي 37 هزار رپيا ماهوار ادائگي جي منظوري ڏني، جنهن سان خزاني تي 539.542 ملين رپين جو اضافي بار پوندو. اجلاس م بورڊ آف گورنرز جي منظوري سان گڏ ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ، ضلعي دادو کي پاڪستان نيوي حوالي ڪرڻ جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ جي باقي حصن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 250 ملين رپين جي گرانٽ جي پڻ منظوري ڏني.ڪابينا ڪاليج ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪيڊٽ ڪاليج جي داخلائن شروع ڪري ان کي فعال ڪيو وڃي، واضح رهي ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ 104.22 ايڪڙ ايراضيءَ تي قائم ڪيو ويو آهي. ڪابينا ڏوڏي جي پوکيءَ تي 7 سال قيد ۽ 500000 رپيا ڏنڊ، منشيات ٺاهڻ ۽ جاءِ جي استعمال تي 14 سال قيد ۽ 2000000 رپيا ڏنڊ ۽ منشيات رکڻ تي هڪ کان 7 سال قيد ۽ 100000 رپيا ڏنڊ جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس کاتي سزا ۽ ڏنڊ مقرر ڪرڻ جي تجوريز ڏني ھئي.صوبائي ڪابينا سنڌ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن اينڊ ريهيبليٽيشن جو انتظامي ڪنٽرول صحت کاتي کان ڊپارٽمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز (ڊي اي پي ڊي) کي سنڌ ايمپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊيبيلٽيز (ايس اي پي ڊي)  ايڪٽ 2018 پرسن وٿ ڊس ايبلٽيز (پي ڊبليو ڊيز) جي سڀني حقن جي حفاظت لاءِ ڊي اي پي ڊي کي هڪ خاص مينڊيٽ ڏئي ٿو. ڪابينا ايس آءِ پي ايم اينڊ آر ايڪٽ 2019 ۾ ترميم جي منظوري ڏني ۽ ان کي قانون سازي لاءِ اسيمبلي ڏانهن موڪليو. سنڌ ڪابينا ڊيننگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي اينڊ انٽرپرينئرشپ (ڊي آءِ اي ٽي) کي چارٽر ڏيڻ جي منظوري ڏيندي ان کي قانون سازي لاءِ اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سنڌ ڪابينا جسٽس (ر) شاهنواز طارق کي 6 اپريل 2025ع کان 5 اپريل 2029ع تائين مسلسل ٽئين مدي (چار سالن) لاءِ صوبائي محتسب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا فشريز رولز 1983ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن تحت ڪنهن به ماڻهو کي اھڙي ڄار يا پرس سيئن نيٽ سان مڇي مارڻ جي اجازت نه هوندي. جنھن کي مقامي طور تي ”وائر نيٽ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو يا رنگ جال ۽ باٽم ٽرال ڄار جيڪي مقامي طور تي ٽرال يا گُجا، گُجو يا گوجي سڏجن ٿا. سنڌ جي سامونڊي پٽي کان 12 ناٽيڪل ميلن جي مفاصلي تي صوبي جي ڪريڪ علائقن ۾ پابندي لاڳو  ھوندي، اجلاس ۾ ڪابينا 10.70 رپيا في ڪلو جي حساب ساب ڪيش فريٽ سپورٽ جا 50 سيڪڙو لاڳاپيل شگر ملز ۾ ورھائڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ کي 3.3 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.  ان کان علاوه ڪابينا 281966700 رپين جي منظوري پڻ ڏني. سنڌ ڪابينا وڌ ۾ وڌ 25 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين، آبادگارن ۽ زرعي زميندارن کي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ مختلف قسم جي سبسڊي، سهولتون، رليف، بارداني جي ورڇ ۽ ٻيون سرڪاري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

  • 21 هزار ايڪڙ نه سڄي ڪارونجهر کي تاريخي ورثو قرار ڏنو وڃي: سنڌو نواز گهانگهرو

مٺي (بيورو) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته رڳو 21 هزار ايڪڙن کي نه سموري ڪارونجھر کي تاريخي ورثو قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته حڪومت جي اهڙي فيصلي کي سنڌ رد ڪري ٿو، لکين ايڪڙن تي پکيڙيل سموري ڪارونجھر کي ھيريٽيج قرار ڏيڻ تائين مزاحمت ۽ جدوجهد جاري رھندي. ٿر سجاڳ سٿ جي اڳواڻن ممتاز راهمون ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هڪ پاسي ڪارونجهر تي ميلا آهن ته ٻئي پاسي ڪارونجهر بابت سنڌ ڪابينا جو فيصلو  آيو آهي، ڪنهن سازش يا ڊرامي جي اوٽ ۾ ڪارونجهر جي جابلو سلسلي کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ٿي ته سخت مزاحمت ڪنداسين. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل ديال صحرائي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو فيصلو سنڌين لاءِ لولي پوپ آھي، سڄو ڪارونجھر بچائبو. 2 لک ايڪڙ ڪارونجھر مان رڳو 21000 ايڪڙ بچائڻ اڻپورو ڪم آهي.

  • سڄو ڪارونجهر تاريخي ورثو آهي، حڪومتي بدنيتي کي وائکو ڪنداسين:

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) سنڌ حڪومت ڪارونجهر جبل جي 2 لک ايڪڙ ايراضي مان صرف 21 هزار ايڪڙن کي قومي ورثو قرار ڏيڻ واري فيصلي کي رهواسين ۽ ساڃاهه وندن رد ڪندي عدالت ۾ وڃڻ ۽ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان ڪارونجهر سجاڳ فورم حڪومتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪارونجهر سانوڻ مشاعري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن الهرکيو کوسو، مصطفيٰ دل، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سياحتي، ثقافتي، مذهبي، تاريخي ۽ قومي ورثو هئڻ سان گڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آهي، هنن چيو ته گذريل ڇهن سالن کان مقامي ماڻهن سان گڏ سموري سنڌ جا ماڻهون ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ان کي قومي ورثو ڏيڻ لاءِ مسلسل احتجاج ڪندا رهيا آهن، عدالتون به بار بار مختلف حڪمن ذريعي ڪارونجهر کي قومي ورثو ڏيڻ جا حڪم جاري ڪنديون رهيون آهن، سنڌ ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ٺاهيل ٽيڪنيڪل ڪاميٽي به ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مخالفت ۽ ان کي قومي ورثو ڏيڻ لاءِ سفارش ڪري چڪي آهي، ان باوجود ڪابينا ڪارونجهر جي 2 لک ايڪڙن مان صرف 21 هزار ايڪڙ کي قومي ورثو ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، مقامي ماڻهو ان فيصلي کي مڪمل طور رد ڪندي احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ ۾ هلندڙ پٽيشن ۾ ڪابينا جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪندا، هنن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي دوکو ڏيڻ بدران ڪارونجهر جي سموري علائقي کي قومي ورثو قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ٻي پاسي ڪارونجهر جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل شنڪر ميگهواڙ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندس، سنڌ حڪومت جي هي مشڪري قبول ناهي، 21 هزار ايڪڙن تي ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏيڻ وارو فيصلو هاءِ ڪورٽ جي حڪم مطابق ناهي، ڪارونجهر سمورو تاريخي ورثو آهي،حڪومتي بدنيتي کي وائکو ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.