ڪورٽ ۾ به اسان کي هراسان ڪيو وڃي ٿو، دٻاءُ ۾ نه اينداسين: ام رباب

دادو(ڊ ر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، ڪيس جي ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ دادو جي عدالت ۾ پهتي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ گرفتار ٿيل جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري هيٺ دادو ۽ حيدرآباد کان دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ آندو ويو، عدالتي ڪاروائي بعد ڪيس جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر 2024 تائين ملتوي ڪئي وئي، ڪورٽ روم کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته اسان کي ڪورٽ روم ۾ حراسان ڪيو وڃي ٿو حاضري واري ڏينهن سردارن جا ماڻهو ڪورٽ ۾ وڏي انگ ۾ اچن ٿا ۽ ڪورٽ احاطي کان ٻاهر سردارن جا ماڻهو هٿيارن سان هوندا آهن ڪيس جو چيف آءِ او پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي اسان سردارن ۽ ڀوتارن کي ٻڌايو ٿا ته ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۾ نه اينداسين مان عدالت کان مطالبو ٿي ڪريان ته منهنجي 3 گهرڀاتين جي قتل ڪيس کي ميرٽ تي هلايو وڃي، هوڏانهن ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار سردار خان چانڊيو جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ گهڻو ڪجهه ڪوڙو قصو ٺهيل آهي ان ڪري آهستي آهستي ڪيس سڪڙندو وڃي پيو، نيٺ دنگ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.