ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران ڪجهه مهينا اڳ ڪيل تعليمي ايمرجنسي جو اعلان غير واضح آھي، ان سلسلي ۾ ڪجھ به واضح نه ڪيو ويو آھي ته صوبن سان ان معاملي تي ڪھڙو سهڪار ڪيو ويندو؟ جڏھن ته تعليمي ايمرجنسي جي اعلان کان اڳ اسان سان ڪنھن به قسم جو صلاح مشورو به نه ڪيو ويو. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ برساتن جي ڪري 20 هزار اسڪول متاثر ٿيا 20 لک ٻار ڏکين حالتن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، ملڪ جي 26 ملين آئوٽ آف اسڪول ٻارن لاءِ به ڪا واضع پاليسي نظر نٿي اچي. هن چيو ته وفاق سنڌ جي ٻارن کي هن ملڪ جا ٻار سمجهي ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صوبائي وزير اميد ظاھر ڪئي ته وفاق پاران برسات متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ جيڪي واعدا ڪيا ويا آهن، انهن تي جلد عمل ڪيو ويندو. وفاق کي سڀني صوبن سان صلاح مشورو به ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران غير فعال سرڪاري اسڪولن کي فعال بڻائڻ جي ذميواري نڀائيندڙ اسڪول ايڊاپٽرز جي اعزاز ۾ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ تقريب ٿي. ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي، ايم ڊي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن قاضي کبير، اڳوڻي گورنر ۽ اسڪول ايڊاپٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) معين الدين حيدر ۽ ٻين اسڪول ايڊاپٽرز، استاد ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.