محبت ۾ ڪجهه ماڻهو جنوني ٿي ويندا آهن ۽ پنهنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪندا آهن، اهڙو ئي هڪ واقعو انگلينڊ ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت نرس ڊاڪٽر جي پويان پئجي وئي، جنهن تي ڊاڪٽر تنگ ٿي عدالت پئجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ 30 ورهين جي صوفي ڪول وِل نالي نرس 54 ورهين جي ڊينٽسٽ ڊاڪٽر ڊيوڊ جي عشق ۾ مبتلا ٿي وئي ۽ جڏهن ان محبت جو انجام بريڪ اپ تي ٿيو ته صوفي پنهنجي جنوني محبت اڳيان ڊاڪٽر ڊيوڊ جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته گهرواري جي لاڏاڻي کانپوءِ ڊيوڊ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ نرس صوفي سان دوستي ڪئي، منڍ ۾ صوفي سان ڊاڪٽر ڏاڍو خوش هو پر اڳتي هلي هوءَ ڊاڪٽر لاءِ مصيبت بڻجي وئي ۽ نيٺ ڊيوڊ تنگ ٿي عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ ڊاڪٽر ڊيوڊ چيو ته بريڪ اپ کانپوءِ صوفي هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار ڪالز ڪيون، ايتري تائين جو ڪار ۾ ٽريڪنگ ڊوائس به رکي ڇڏي.
ڊيوڊ موجب صوفي منهنجي بيڊ روم تائين پهچڻ لاءِ گهر ۾ به گهڙي وئي ۽ اتي لِڪي منهنجو انتظار ڪرڻ لڳي، جڏهن گهر پهتس ۽ بيڊ روم ۾ ڪنهن جي موجودگي جو احساس ٿيو ته صوفي ڪمري جي دريءَ مان ڀڄي وئي.
پوءِ هڪ موقعي تي صوفي ڊاڪٽر کان سندس موبائل فون کسڻ جي به ڪوشش ڪئي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ صوفي کي 20 هفتا قيد جي سزا ٻڌائي ۽ گڏوگڏ 5 سالن تائين ڊيوڊ سان ملڻ، ان جي گهر يا اسپتال ڀرسان وڃڻ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
”منهنجي جان ڇڏايو“ ڊاڪٽر نرس جي جنوني محبت مان بيزار ٿي عدالت پهچي ويو
You might also like