هونئن ته گم ٿيل شيون اوچتو ملي وڃن ته تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي پر جيڪڏهن اِها ئي شئي اوهان کي ٽي وي اسڪرين تي ڪنهن ڊرامي جي منظر ۾ نظر اچي وڃي ته اِهو يقينن اوهان جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن ڊرامائي موڙ کان گهٽ ناهي.
اوهان ضرور ان سين کي ڪيئي ڀيرا ريوائينڊ ڪري ڏسندئو، اِهو يقين ڪرڻ لاءِ ته ڇا اوهان جيڪو ڏٺو اهو سچ آهي ؟
اهڙي صورتحال مان ڪجهه ڏينهن اڳ صفدر علي کي گذرڻو پيو، جيڪو پنهنجي شهر ڏهرڪي ۾ معمول جي هڪ شام دوران يوٽيوب تي پاڪستاني ڊرامي” ڪڀي مين ڪڀي تم “ جي تازي قسط ڏسي رهيو جڏهن هڪ سين کيس دنگ ڪري ڇڏيو.
صفدر سومري جي حيرت جو سبب مصطفيٰ ۽ شرجينا جي ڪردار يا ڊرامي جو پلاٽ نه پر هڪ سين جي پس منظر ۾ پنهنجي انتهائي پياري پر گم ٿيل تخليق هئي جيڪا کيس اوچتو نظر اچي وئي.
هن چيو ته مان اِهو سين هر هر پوئتي ڪري ڏسي رهيو هئس ته ڇا وقعي اِهي منهنجون پئنٽنگز آهن؟
مصور صفدر علي ” صفي سومرو “ جي نالي سان فن پارا ٺاهيندو آهي، جڏهن هو سنڌ يونيورسٽي جي آرٽ اينڊ ڊيزائن شعبي ۾ آخري سال جو شاگرد هو، تڏهن هن پنهنجي يونيورسٽي جي ٿيسز لاءِ 2016ع ۾ پئنٽنگز جي هڪ سيريز ٺاهي هئي.
برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي صفدر سومري ٻڌايو ته هن ” انوسينٽ فيسز “ نالي ان سيريز جون ٻه پئنٽنگز ڪراچيءَ جي تاريخي فريئر هال ۾ 2027 ۾ ٿيل هڪ نمائش ۾ پيش ڪيون هيون.
نمائش جي ظابطن موجب، پينٽنگ وڪرو ٿيڻ جي صورت ۾ آرٽسٽ کي رقم ادا ڪئي ويندي آهي ۽ وڪرو نه ٿيڻ جي صورت ۾ پينٽگ واپس ڪئي ويندي آهي.
پر نمائش کانپوءِ صفي سومري کي فون تي اِهو ئي ٻڌايو ويو هو ته سندس پئنٽنگز وڪرو ناهن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته پئنٽنگز واپس ڪرڻ جي مطالبي تي جواب ۾ هڪ مهيني کانپوءِ کيس فون تي چيو ويو ته پينٽنگ گم ٿي ويون آهن.
صفي سومري موجب هو هڪ عرصي تائين اِهو سوچيندو رهيو ته سندس فن پارا کيس ڪڏهن به واپس نه ملي سگهندا.
صفي سومري موجب، انتظاميا طرفان ٻڌايو ويو ته مون سميت ٻين آرٽسٽن جون پئنٽنگز به گم ٿي ويون آهن، مون اِهو سوچي ان وقت ڪا به ڪارروائي نه ڪئي جڏهن ٻيا خاموش آهن ته مان اڪيلو ڇا ڪندس.
ڊرامي جو اِهو سين ظاهر طور فريئر هال ۾ ئي رڪارڊ ڪيو ويو آهي، فريئر هال انتظاميا ميڊيا کي ٻڌايو ته اِها پينٽنگ اڃا تائين گئلري ۾ موجود آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن آرٽسٽ کي لڳي ٿو ته اِها ان جي آهي ته هو رسيد ڏيکاري کڻي وڃي.
انتظاميا موجب، آرٽسٽ ڊرامي ۾ پنهنجي پينٽنگ ڏسي سوچيو هوندو ته اِها پينٽنگ وڪڻي وئي آهي پر ائين ناهي، خاطري ڪرايون ٿا ته پينٽنگ آرٽسٽ کي واپس ڪيون وينديون.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران صفدر جي تمام گهڻي حمايت ڪئي پئي وڃي ۽ هاڻ فريئر هال انتظاميا طرفان به کيس خاطري ڪرائي وئي آهي، هاڻي کيس اميد آهي ته جلد ست ورهين جي انتظار کانپوءِ کيس پنهنجي گم ٿيل پيٽنگ ضرور ملي ويندي.
You might also like