ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورسز ڪراچي ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ مسافر جي سامان مان سوا ڪلو کان وڌيڪ هيروئن برآمد ڪري ورتي.
اي ايس ايف ترجمان موجب مسافر محمد شعيب بحرين وڃڻ لاءِ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو هو، جتي سامان جي تلاشي دوران اي ايس ايف جي ماهر عملي مسافر جي ٿيلهي کي شڪي قرار ڏنو.
اي ايس ايف موجب سامان جي تفصيلي تلاشي دوران ڳجهي طور تي لڪايل 1.203 ڪلو گرام هيروئن برآمد ڪئي وئي.
اي ايس ايف ٻڌايو ته ڄاڻايل منشيات ٿيلهي ۾ وڏي مهارت سان لڪائي وئي هئي، جوابدار کي شروعاتي جاچ کانپوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.
You might also like