ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار ۽ اڳوڻي اداڪارا ٽوئنڪل کنا جي شادي کي مداحن سدائين مثالي قرار ڏنو آهي.
اڪشي ڪمار هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي غير امڪاني شادي بابت دلچسپ انڪشاف ڪندي چيو ته هن ڪڏهن به زندگيءَ ۾ نه سوچيو هو ته راجيش کنا جي ڌيءَ سان سندس شادي ٿيندي.
اداڪارا پنهنجي شروعاتي ڏينهن کي ياد ڪندي چيو ته سندس راجيش کنا جي آفيس ۾ ڪم جي ڳولا ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو .
هن چيو ته هو پنهنجون تصويرون کڻي ويندو هو ته جيئن کيس ڪو ڪم ملي سگهي ۽ ان انتهائي عجيب ڪهاڻي جي شروعات ۾ سندس ٽوئنڪل سان شادي انوکو موڙ هئي.
ياد رهي ته اڪشي ڪمار اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم هائوس فل فائيو ۽ ڀوت بنگلا جي تيارين ۾ رڌل آهي، اڪشي ڪمار ۽ پريه درشن 14 ورهين کانپوءِ نئين هارر ڪاميڊي فلم ” ڀوت بنگلا “ ذريعي وڏي پردي تي واپسي ڪري رهيا آهن.
You might also like