سعودي عرب ۾ دنيا جو پهريون روبوٽڪ هارٽ ٽرانسپلانٽ ڪاميابي سان مڪمل

سعودي عرب جي ڪنگ فيصل اسپيشلسٽ هاسپيٽل اينڊ ريسرچ سينٽر (ڪي ايف ايس ايڇ آر سي) دنيا ۾ پهريون ڀيرو روبوٽڪ طريقي سان دل جو ٽرانسپلانٽ ڪيو آهي.
اها هڪ وڏي طبي اڳڀرائي آهي ۽ روبوٽڪ طريقي سان دل جي پيوندڪاري هڪ 16 ورهين جي مريض ۾ ڪاميابي سان ڪئي وئي.
اهو مريض هارٽ فيليئر جي سنگين شدت کي منهن ڏئي رهيو هو ۽ اڍائي ڪلاڪن جي آپريشن ۾ دل جي پيوندڪاري ڪئي وئي.
روايتي هارٽ ٽرانسپلانٽ کانپوءِ مريض کي صحتياب ٿيڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو آهي پر ان نئين طريقي ڪار ۾ دل کي تبديل ڪرڻ لاءِ سيني کي ڪٽڻ جي ضرورت ناهي هوندي.
ان سان مريض جلد صحتياب ٿيندو آهي، سور گهٽ ٿيندو آهي، جڏهن ته ڏکيائيون به گهٽ پيش اينديون آهن.
سعودي سرجن ڊاڪٽر Feres Khaliel جي سربراهي ۾ هڪ ٽيم روبوٽڪ طريقي سان دل جو ٽرانسپلانٽ ڪيو.
آپريشن جي ڪاميابي ۽ مريض جي تحفظ لاءِ طبي ٽيم ڪافي تياري ڪئي، جنهن دوران 3 ڏينهن ۾ ورچوئل طريقي سان ان عمل کي 7 ڀيرا ورجايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.