قلات ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو، قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا 8 اهلڪار زخمي

قلات (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات جي علائقي تخت جوهان ۾ روڊ ڪناري رکيل بارودي مواد جو ڌماڪو ٿيو آهي.
ضلعي انتظاميا موجب روڊ ڪناري رکيل بارودي مواد جو ڌماڪو قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي گاڏي گذرڻ وقت ٿيو.
ضلعي انتظاميا ٻڌايو ته قلات ڌماڪي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا 8 اهلڪار زخمي ٿيا، واقعي بابت وڌيڪ ڄاڻ گڏ ڪئي پئي وڃي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.