يورپي ملڪ سوئيڊن رضاڪاراڻي طور پنهنجي ملڪ واپس ويندڙ پناهگيرن لاءِ معاوضي ۾ وڏي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوئيڊن ڪيتري ئي عرصي کان ٻين ملڪن جي شهرين کي پناهه ڏيڻ سبب ”هيومنٽيرين سپر پاور“ طور به ڃاتو ويندو آهي پر هاڻ گذريل ڪجهه عرصي کان پناهگيرن جي حوالي سان ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
تنهن ڪري سوئيڊن طرفان پناهگيرن جي واپسي لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن.
پرڏيهي ميڊيا موجب هاڻ سوئيڊن جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اهي رضاڪاراڻي طور واپس ويندڙ پناهگيرن جي مالي مراعتن ۾ واڌ ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب سوئيڊن جي اختيارين چيو ته 2026 کان رضاڪاراڻي طور پنهنجي اباڻي ملڪن ڏانهن واپس ويندڙ پناهگير 34 هزار ڊالر (تقريبن هڪ ڪروڙ پاڪستاني رپيا) معاوضو حاصل ڪرڻ جا اهل هوندا.
رپورٽ موجب هن وقت سوئيڊن مان پنهنجي ملڪ واپس ويندڙ ڪنهن به بالغ پناهگير کي تقريبن 980 ڊالر گرانٽ ڏني ويندي آهي.
You might also like