عمران خان جي هڪ ڏهاڪي کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مشهور اداڪار عمران خان هڪ ڏهاڪي جي ڊگهي وقفي کانپوءِ ٻيهر اسڪرين تي جلوا وکيرڻ لاءِ تيار آهي ۽ سندس واپسي هڪ دلچسپ نيٽ فلڪس رومانوي ڪاميڊي ذريعي ٿيندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ان پروجيڪٽ کي عامر خان پروڊڪشنز پرڊيوس ڪري رهي آهي يعني ان پروجيڪٽ ذريعي سندس مامو عامر خان او ٽي ٽي پليٽ تي قدم رکندو.
رپورٽ موجب، نئين فلم جي هدايتڪاري دانش اسلم ڪندو، جنهن 2010 ۾ عمران خان ۽ دپيڪا پاڊڪون جي فلم ” بريڪ ڪي بعد “ ڊائريڪٽ ڪئي هئي.
واضح رهي ته عامر خان عمران خان کي ” قيامت سي قيامت تڪ“ ۽ ان کانپوءِ ” جاني تو يا جاني نه“ ذريعي لانچ ڪيو هو، هڪ ڀيرو وري سندس واپسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.