نرس زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر جو نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اسپتالن ۾ عورت عملي سان روز زيادتي جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن، تازي واقعي ۾ هڪ نرس زيادتي جي ڪوشش دوران ڊاڪٽر جو نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو گذريل ڏينهن بهار جي هڪ نجي اسپتال ۾ پيش آيو، جتي نرس مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر جو تکي اوزار سان نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو ۽ فرار ٿي وئي.
مقامي پوليس ٻڌايو ته نرس سان اجتماعي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن مان هڪ ڊاڪٽر هو، جيڪو گنگاپور جي آر بي ايس هيلٿ ڪيئر سينٽر ۾ ايڊمنسٽريٽر طور به ڪم ڪندو آهي.
پوليس موجب واقعي واري ڏينهن نرس مبينا طور پنهنجو ڪم ڪري رهي هئي ته ان دوران ڊاڪٽر سنجي ڪمار ۽ سندس ٻن ساٿين شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي نرس سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، ان وقت نرس بليڊ سان ڊاڪٽر جو نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو ۽ پاڻ ڀڄي پوليس وٽ پهتي.
پوليس ٻڌايو ته نرس جي بيان کانپوءِ اسپتال مان 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر سنجي ڪمار، اوڌيش ڪمار ۽ سنيل ڪمار شامل آهن.
پوليس موجب اسپتال مان ملندڙ سي سي ٽي وي ۾ ڏٺو ويو ته جوابدارن نرس سان زيادتي کان اڳ سي سي ٽي وي جو ڪنيڪشن ڪاٽيو ۽ پوءِ اسپتال کي اندران لاڪ ڪيو، ٽئي شراب جي نشي ۾ ڌت هئا، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.