ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
لائسنس معطل ڪرڻ بابت ٺهراءَ تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي طرفان حيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪارڪردگي جو جائزو به ورتو ويندو.
اها اسپيشل ڪميٽي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي سميت 11 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته فياض ٻٽ کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد ميمبر سجاد سومري ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو هو.
You might also like