ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پ پ ترقي، استحڪام ۽ سڀني جي روشن مستقبل لاءِ ڪوششن ۾ آهي.
شرجيل ميمڻ اين اي 171 رحيم يار خان تي پ پ اميدوار مخدوم طاهر رشيد کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.
هن چيو ته ضمني اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي بدترين شڪست ملي آهي، چونڊ ۾ ڪنهن کي به فارم 45 ۽ 47 جي بنياد تي الزام تراشي جو موقعو نه مليو.
سندس چوڻ هو اها ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پنجاب جي عوام پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نظريي ۽ بيانيي جي تائيد ڪئي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پ پ ملڪ ۾ نفرت جي سياست کي دفن ڪندي.
You might also like