گهوٽڪي ۾ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ جون خبرون عوامي آواز ۾ ڇپجڻ تي عدالت جو نوٽيس

گهوٽڪي (ڊ ر) گھوٽڪي جي لاکو لنجاري روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار ھجڻ جون خبرون عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ جو ڊسٽرڪٽ ايڊ سيشن جج گھوٽڪي نوٽيس وٺندي ايگزيڪيوٽو انجنيئر روڊس کي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گھوٽڪي عبدالقدوس ميمڻ جي عدالت ايگزيڪيوٽو انجنيئر روڊس کي ھڪ ليٽر نمبر 9271 جاري ڪندي عوامي آواز پاران تاريخ 11.09.2024 تي لاکو لنجاري روڊ جو ڪم مڪمل نه ھجڻ ۽ ڪم رولڙي جو شڪار ھجڻ واري خبر جو ذڪر ڄاڻائيندي نوٽيس جاري ڪندي 18 سيپٽمبر تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آھي.
ياد رھي ته عوامي آواز ۾ لاکو لنجاري روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي خبر ڇپي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.