جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پنهنجي تجويز سان اتفاق نه ڪرڻ تان اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو.
ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني، پر ڪميشن جي ڪنهن رڪن جسٽس منيب اختر جي تجويز سان اتفاق نه ڪيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ججن جي مقرريءَ بابت جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ مختصر وقفو ڪيو ويو.
جسٽس منصور علي شاهه اجلاس ۾ ڄاڻايل سفارشن جو مسودو پڙهيو، اجلاس دوران اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرريءَ واري رولز جو به جائزو ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.