جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر جو زيادتي ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش، ضلعي عملدار طلب

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر سان مبينا زيادتي ڪيس کي ضلعي انتظاميا پاران لوڙهڻ جي ڪوشش، انتظاميا جي دٻاءُ سبب عورت زيادتي واري بيان تان ڦري وئي، سيشن جج  پاڻمرادو نوٽيس نوٽيس ورتو، ٻه ڏينهن اڳ مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهه بخش جکراڻي ۾ مبينا زيادتي جي شڪار پوليو ورڪر ع ا انتظاميا جي دٻاءُ سبب پنهنجي بيان تان ڦري وئي، متاثر عورت جي فرياد تي مولاداد ٿاڻي تي ڪمزور ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ صرف ڦر جي ڪوشش ۽ موتمار ڌمڪين جو ذڪر ڪيو ويو، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پهتاسين ته جوابدار احمد عرف انبي جکراڻي پسٽل مٿي تي رکي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڦر جي ڪوشش ڪئي، مون سان زنا يا جنسي طور حراسان نه ڪيو ويو آهي، ٻي پاسي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شريف الدين شاهه واقعي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ايس ايس پي، ڊي ايڇ او ۽ ايس ايڇ او کي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته پوليو ورڪر سان زيادتي جون خبرون ميڊيا تي هليون آهن ان کي 22 اي بي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي کي حڪم ڏنو ويو ته پوليو ٽيم کي مليل سيڪيورٽي بابت پاڻ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ته پوليو ٽيم کي گهڻا اهلڪار مليل هئا انهن جا نالا به شامل ڪيا وڃن، ڊي ايڇ او کي حڪم ڏنو ويو آهي ته پوليو ٽيم بابت مڪمل رپورٽ جمع ڪرايو وڃي، جڏهن ته حد جي ٿاڻي مولاداد جي ايس ايڇ او کان ايف آءِ آر سميت عورت جي ميڊيڪل ڪرائڻ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي، ٽنهي عملدارن کي اڄ رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

  1. متاثر ناري کي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

جيڪب آباد: مبينا زيادتي جي شڪار متاثره پوليو ورڪر کي مولاداد پوليس لاڳاپيل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس  پاران داخل ڪيل ڪيس جو حوالو ڏنو ويو جنهن تي لاڳاپيل مئجسٽريٽ پوليس کي اهو چئي واپس ڪيو ويو ته ان معاملي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت نوٽيس ورتو آهي، اڄ ان جي ٻڌڻي رکيل آهي اوهان ضروري ڪاغذ ۽ متاثره عورت کي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جنهن کانپوءِ وڌيڪ ان جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي، عدالت جي اهڙي حڪم کان پوءِ پوليس عورت کي واپس وٺي وئي.

  1. ناري سان زيادتي ڪوشش ٿي آهي، تشدد به ٿيل هو: ڊي سي

جيڪب آباد: ڊي سي جيڪب آباد ظهور احمد مري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آئون اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيان ته متاثره پوليو ورڪر سان  زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ان جي جسم تي تشدد جا واضح نشان هئا پر متاثره عورت پاڻ ڪيس تان ڇو ڦري وئي آهي اسان جو ان مٿان ڪوبه دٻاءُ ناهي مون ايس ايس پي سان رابطو ڪري چيو آهي ته ڪيس ۾ اقدم قتل جا قلم به شامل ڪيا وڃن پر ايس ايس پي مون کي چيو ته اهي قلم شامل ٿيڻ ٺهن ئي نه ٿا پر منهنجي ڪوشش آهي ته ڪيس ۾ اقدم قتل جو قلم شامل ڪيو وڃي جوابدار کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي متاثره عورت کي انصاف فراهم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن جنهن لاءِ مون ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن سان به پاڻ رابطو ڪيو آهي داخل ٿيل ان ڪيس مان مطمئن ناهيان.

  1. جيڪب آباد واقعو حڪومت جي منھن تي چماٽ آھي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي ته جيڪب آباد ۾ عورت پوليو ورڪر  سان درندگي جو واقعو وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪومت جي منھن تي چماٽ آھي، واقعي جي اڻڌري جاچ ڪري ملوث ڏوھارين کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، اھڙن خيالن جو اظھار ھن حيدرآباد ڪپ چوڪ تي جماعت اسلامي جي ميمبر شپ لاءِ لڳل ڪئمپ کي خطاب ڪندي ڪيو . ھن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ ڏوھن جي خاتمي توڙي امن امان جي بحاليءَ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي.

  1. مڪلي ۾ پوليو ٽيم جي تذليل، ڊوڙائي ڪڍڻ واري وِڊيو وائرل

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) جيڪب آباد کانپوءِ ٺٽي جي ضلعي ھيڊڪوارٽر مڪلي ۾ پوليو ورڪرز جي مبينا تذليل جو نشانو  بڻايو ويو، ڪالهه مڪلي جي ترڪش ڪالوني ۾ رهواسي رحمت الله ناھيو پاران پوليو جا ڦُڙا پياريندڙ پوليو ورڪرن کي ڌمڪيون ۽ دڙڪا ڏئي جاھل عورت سڏڻ ۽ ڊوڙائي ڪڍڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، واقعي دوران پوليو ورڪر معافيون به وٺنديون رھيون، واقعي کي لِڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر وڏي وزير پاران نوٽيس وٺڻ بعد انتظاميا حرڪت ۾ آئي پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو، وڏي وزير ڪمشنر حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، سيد مراد علي شاھ چيو ته پوليو ورڪرز سان ڪنھن به قسم جو ناروا سلوڪ ۽ رويو برداشت نه ڪندس،  پوليو ورڪرز منھنجا ۽ قوم جا سپاھي آھن، انھن جو احسان مند ٿيڻ ۽ کين عزت ڏيڻ بدران ماڻھو انھن سان ناروا سلوڪ رکن ٿا جيڪا افسوسناڪ ڳالھه آھي، ھڪڙا اھي سپاھي آھن جيڪي عوام جي مال ملڪيت جي حفاظت ڪن ٿا ٻيا سرحدن جي حفاظت ڪندا آھن، پوليو ورڪرز به انھن عظيم سپاھين ۾ شامل آھن.هوڏانهن پوليو ورڪر کي ڌمڪيون ڏيندڙ رحمت الله ناھيو سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي چيو آھي ته بلڊ پريشر جو مريض آھيان، گھر ۾ سُتل ھئس ته دروازو کڙڪيو ۽ آئون ٻاھر نڪتس منھنجو بلڊ پريشر ھاءِ ٿي ويو، مون جيڪو ڪجھه پوليو ورڪر کي چيو آھي ان جي معافي وٺان ٿو.ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي ٺٽو کي فوري ڪارروائي جو چيو آهي، پوليو ورڪرز کي ھر صورت ۾ تحفظ فراھم ڪيو ويندو. ايس ايس پي ٺَٽو ڊاڪٽر عِمران خان پاران جاري ڪيل پَڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته ايس ايڇ او مڪلي ۽ پوليس پوسٽ ترڪش ڪالوني جي انچارج کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن ته پوليو ورڪر سان بدتميزي سان پيش ايندڙ جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

  1. ٻن ڏينهن کان سيف هائوس ۾ ترسيل ناري کي سخت خطرو

جيڪب آباد: متاثر عورت گذريل ٻن ڏينهن کان سيف هائوس ۾ ترسيل آهي، پوليس عورت کي بازياب ڪرائڻ بعد سيف هائوس منتقل ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد گذريل ٻن ڏينهن کان سيف هائوس ۾ آهي جنهن سبب سندس گهر ڀاتي به پريشان آهن ۽ عورت جي جان کي به سخت  خطرو آهي جنھن سبب سيف هائوس ۾ پوليس به مقرر ڪئي وئي آهي، عورت کي ڪالهه مجسٽريٽ جي عدالت پيش ڪيو ويو جتي عورت کي واپس سيف هائوس موڪليو ويو.

  1. متاثر عورت سان گڏ ڊيوٽي ڪندڙ نوجوان جو منظر عام تان غائب ٿيڻ سواليه؟

جيڪب آباد: پوليو مهم دوران عورت سان مبينا زيادتي واري واقعي کانپوءِ ساڻس گڏ ڊيوٽي ڪندڙ نوجوان منظر عام تان غائب  ٿي ويو آهي، نوجوان نهال پنهور متاثر عورت سان گڏ پوليو ٽيم ۾ شامل هو، جيڪو مبينا زيادتي واري واقعي کان گم آهي، نوجوان جي منظر عام تي نه اچڻ سبب ڪيترائي سوال جنم وٺي رهيا آهن ته نوجوان کي ضلع انتظاميا يا پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي يا ان کي منظر عام غائب ڪري حقيقتن تي پردو وڌو پيو وڃي، جيڪب آباد جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو ته نوجوان کي منظرعام تي آڻي واقعي جي حقيقتن تان پردو کنيو وڃي.

  1. متاثر عورت جي تحفظ لاءِ پ پ شهيد ڀٽو جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو

جيڪب آباد: مبينا زيادتي جي شڪار پوليو ورڪر کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پ پ شهيد ڀٽو پاران احتجاجي جلوس ضلعي آفيس کان نديم احمد قريشي، نور محمد منجهو ۽ بابل ڪوريجو جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، مظاهرين مختلف رستن تان مارچ ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي نديم احمد قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوليس بااثر جوابدارن کي بچائڻ لاءِ عورت تي دٻاءُ وجهي ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڊي ايڇ او ۽ ڊي سي هڪ ڏينهن اڳ اهو موقف اختيار ڪيو ته پوليو ورڪر سان زيادتي ٿي آهي جنهن لاءِ نمونا ورتا آهن بااثرن جي دٻاءُ کان پوءِ صرف ڦر جي ڪوشش ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.