گنڊاپور جو افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جو بيان وفاق تي حملو آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪو صوبو سڌي ريت ڪنهن ملڪ سان ڳالهيون نٿو ڪري سگهي ۽ ان حوالي سان علي امين گنڊاپور جو بيان زهر اوڳاڇڻ جهڙو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته جناب اسپيڪر توهان جيڪو قدم کنيو، اهو ايوان جي تقدس ۽ حرمت لاءِ کنيو آهي، جيڪي ڀائر پروڊڪشن آرڊر تي ايوان ۾ آيا آهن، انهن کي نمائندگي جو حق مليو آهي پر اسان کان نمائندگي جو حق ڪيترن ئي سالن تائين کسيو ويو.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جو افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جو بيان وفاق تي حملو آهي، علي امين گنڊاپور جو افغانستان سان پاڻ ڳالهين جو چوڻ زهر اوڳاڇڻ آهي، کيس اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها، ڪو صوبو سڌي ريت ڪنهن ملڪ سان ڳالهيون نٿو ڪري سگهي.
واضح رهي ته علي امين گنڊاپور ڪالهه هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته مون کي افغانستان ڏانهن وفد موڪلڻ ڏيو، اهي اسان جا پاڙيسري آهن، منهنجو رت وهي رهيو آهي ڪيستائين برداشت ڪن؟ مان اعلان ٿو ڪيان ته پاڻ افغانستان سان ڳالهائيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.