پاڪستان پاران والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ غزا ۾ اسرائيلي حملن جي سخت مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسلام آباد ۾ ايس سي او ۽ وزارتي ڪائونسل جا اجلاس ٿي رهيو آهي، ايس سي او ڪانفرنس ڪرائڻ لاءِ وزارتي ڪائونسل ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته عالمي سامونڊي تنظيم جو سيڪريٽري جنرل آرسينيو ڊومنگس پاڪستان جي دوري تي آهي، جيڪو عالمي ميري ٽائم ڪانفرنس ۾ شريڪ آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ميري ٽائم ڪانفرنس جو مقصد سامونڊي حدن جو تحفظ ۽ سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ آهي، نائب وزيراعظم بليو اڪانومي بابت ڪانفرنس ۾ ڪليدي خطاب ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان اسرائيلي فوج جي غزه ۾ جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو، اسرائيلي فوج هٿين خالي فلسطينين کي بربريت جو نشانو بڻائي رهي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسرائيلي فورسز انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي.
هن وڌيڪ والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.