بالي ووڊ جي ليجنڊري ڪاميڊين جوني ليور پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
جوني ليور جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڀارتي اداڪار پاڪستان ۽ پاڪستاني فنڪارن معين اختر، عمر شريف ۽ امان الله سميت ٻين جو ذڪر ڪيو.
ڀارتي ڪاميڊين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت پنجاب جي گادي واري شهر لاهور اچڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو .
جوني ليور پاڪستاني ڪاميڊين اداڪار عمر شريف کي ياد ڪندي چيو ته هو سندس پٽ سان رابطي ۾ آهي ۽ پاڪستان وڃي عمر شريف جي فيملي سان ملڻ چاهيندو.
Next Post
You might also like