ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ٻه سيڪڙو گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ گهٽائي 17 ڏهائي 5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي ان کان اڳ پاليسي ريٽ 19 ڏهائي 5 سيڪڙو هو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، ٻن مهينن دوران مهانگائي ۾ واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته تيل ۽ غذائي جنسن جي عالمي قيمتن ۾ پڻ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف طرفان به پاليسي ريٽ ۾ ٻه سيڪڙو لاٿ واري فيصلي جي آجيان ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ لاٿ ملڪي معيشت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌارو ٿيندو.
You might also like