بنون (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ بنون بئنچ اينٽي ڪرپشن ٽيم کي جج همايون دلاور جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.
جج همايون دلاور پنهنجي خلاف داخل ايف آءِ آر پشاور هاءِ ڪورٽ بنون بئنچ ۾ چئلينج ڪئي هئي.
جج همايون دلاور طرفان ملڪ ذيشان ايڊووڪيٽ ۽ احمد فاروق خٽڪ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت اينٽي ڪرپشن ٽيم کي جج همايون دلاور جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.
جسٽس ڪامران حيات ۽ جسٽس ڊاڪٽر خورشيد اقبال تي ٻڌل بئنچ اينٽي ڪرپشن ٽيم کي رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
You might also like