پي ٽي آءِ گرفتارين تي اسپيڪر وائڙو،حڪومت جا پويان پير

اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)پارليامينٽ لاجز ۾ پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي گرفتارين تي اسپيڪر اياز صادق کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مان ڇا ڪريان؟ ميڊيا کي چيو ويو ته اهي خبرون هلايون وڃن ته اسپيڪر ان معاملي تي سخت قدمن جو اعلان ڪيو آهي،اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز سميت چئن ڄڻن کي معطل ڪيو آهي، سي ڊي اي جي چار اليڪٽريشنن کي به معطل ڪيو ويو،پارليامينٽ ۾ بلاول ۽ ٻين ميمبرن پاران ڳالهائڻ کانپوءِ اسپيڪر  پارلياماني ڪميٽي جوڙي ڇڏي،جڏهن ته ايوان ۾ بلاول ڀٽو انتهائي سنجيده ڳالهيون ڪيون آهن،هن چيو ته پارليامينٽ اندر اسان کي عوام جي مسئلن تي ڳالهائڻو آهي، پارليامينٽ اندر حڪومت هن وقت بيڪ فٽ ”پوين پيرن “تي آهي،اتحادي به ان معاملي تي ان جو ساٿ نه پيا ڏين.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 12 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.