چيف جسٽس جو مدي ۾ واڌ بابت ”وضاحتي“ بيان،حڪومتي آڇ قبول ٿي وئي؟

اسلام آباد/لاهور(مطيع الله جان+اسد طور+امداد سومرو)ايڪسٽنشن جي معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪجهه اهڙي ”ترديد“ڪئي آهي جنهن ۾ تصديق به نظر اچي رهي آهي،ڇا چيف جسٽس ٽن سالن لاءِ ايڪسٽينشن وٺي رهيو آهي؟ ذريعن موجب چيف جسٽس کي ادارن پاران چيو ويو ته ٻيا به ايڪسٽينشن وٺي رهيا آهن توهان ڇو پيا انڪار ڪريو؟ جنهن بعد قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي سيڪريٽري ذريعي اها پريس رليز جاري ڪرائي،آف دي رڪارڊ ڳالهين جو استحاق آئيني عهديدارن کي نه هئڻ گهرجي، چيف جسٽس کي وضاحتي بيان ۾ اهو چوڻ گهرجي ها ته مان ته 25 آڪٽوبر تي هر صورت ۾ رٽائر ٿي رهيو آهيان،پارليامينٽ اندر جيڪو ڪجهه ٿيو ان ۾ صدر زرداري، نواز شريف، شهبازشريف جي رضامندي شامل هئي، پي ٽي آءِ جي گرفتار ايم اين ايز بابت ايف آءِ آرز ۾ پوليس ٺهيل ٺڪيل ڪهاڻيون عدالت ۾ پيش ڪيون،ان تي ويتر ماتحت عدالت ٻرندي تي تيل هاريندي ايم اين ايز جو 8 ڏينهن  جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو،پوليس ڪي به ثبوت پيش نه ڪيا،ٻئي پاسي اسپيڪر اياز صادق ته وڏا اعلان ڪيا پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي پارليامينٽ ۾ گهرائي پڇاڻو ڪيو ويو؟ايوان اندر گهڙي ڪارروائي ڪندڙ ”نقاب پوش هٿياربندن“ خلاف ايڪشن جو به ڪو به اعلان نه ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ايم اين ايز خلاف ڪارروائي دوران اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين ڪٿي هئا؟ايجنسين وارا ايم اين ايز کي کنڀي ويا،اسلام آباد پوليس ۾ مقرر ڪيل آفيسر لاهور مان گهرائي رکيل آهن، انهن کي ”سياسي انتظام ڪاري“ لاءِ ئي گهرايو ويو آهي،جڏهن ته وزيراعظم شهبازشريف جي به پوزيشن ايس آءِ ايف سي جي هڪ ملازم جهڙي لڳي رهي آهي،هو پنهنجي عهدي جي اهميت نٿو ڪرائي سگهي ته پارليامينٽ جي بي توقيري تي ڪهڙو ردعمل ڏئي سگهي ٿو؟  ان سڄي آپريشن جو نتيجو اهو نڪتو ته ججن جي حوالي سان جيڪو بل گذريل ڏينهن ۾ پيش ٿيڻو هو اهو ملتوي ڪيو ويو،  چيف جسٽس تي الزام آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان مليل آهي ۽ عمران خان خلاف فيصلا ڪري رهيو آهي،قاضي فائز عيسيٰ جي ويجهو رهندڙ هڪ شخص جو چوڻ آهي ته قاضي بدنام ته ٿي ويو آهي هاڻي مدي ۾ واڌ وٺي ڇڏيندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 12 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.