سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ۽ سينيئر ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ ويرات ڪوهلي بابت پنهنجي وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته ڀارتي بيٽر پنهنجي خيالن ۽ عمل ۾ آسٽريلوي محسوس ٿيندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ نومبر ۾ پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل بارڊر-گواسڪر سيريز کيڏي ويندي.
بارڊر-گواسڪر سيريز لاءِ هن ڀيري ڀارتي ٽيم آسٽريليا جو دورو ڪندي، مداح ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي لاءِ پراميد آهن.
ان ڏس ۾ ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي طور طريقي ۽ عمل ۾ هڪ آسٽريلوي آهي، جنهن نموني هو مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهندو آهي پوءِ هو پنهنجي مخالف خلاف پوري توانائي سان مقابلو ڪندو آهي، هو ڀارتي ٽيم ۾ هڪ آسٽريلوي آهي.
وڊيو ۾ اسٽيو سمٿ وڌيڪ چيو ته ڪجهه به حقيقي نه آهي اِهو اوهان به ڄاڻو ٿا، جيڪڏهن مون کي ويرات ڪوهلي يا ان جهڙي ڪنهن پليئر کي مات ڏيڻي آهي ته ان لاءِ مون کي رڳو پنهنجي ٽيم لاءِ وڌ کان وڌ رنسون اسڪور ڪرڻيون پونديون.
آسٽريلوي بيٽر ويرات ڪوهليءَ سان پنهنجي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ انتهائي خوشگوار لاڳاپا آهن، هڪٻئي سان پيغامن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، هو هڪ عظيم شخص ۽ شاندار پليئر پڻ آهي.
You might also like