تل ابيب (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جو هيلي ڪاپٽر لينڊنگ دوران ڪِري تباهه ٿي ويو.
اسرائيلي فوج موجب حادثو اربع جي صبح غزا جي ڏکڻ علائقي رفح ۾ پيش ايو، جنهن ۾ ٻه فوجي مري ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب هڪ يو ايڇ 60 بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر ميڊيڪل ٽيم سان گڏ غزا مان هڪ زخمي فوجي کي ڪڍڻ لاءِ ويو هو.
اسرائيلي فوج موجب رفح ۾ اسرائيلي فوجي ڪئمپ ۾ لينڊنگ دوران هيلي ڪاپٽر زمين سان ٽڪرائجي ويو.
You might also like