جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندڙ عورت سان مبينا طور زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي.
جيڪب آباد جي ڳوٺ الله بخش جکراڻي ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندڙ ورڪر سان مبينا طور زيادتي جو واقعو پيش آيو، متاثر عورت کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
هوڏانهن دپٽي ڪمشنر مظهور مري چيو ته عورت ورڪر سان زيادتي جي تصديق ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ ٿيندي.
You might also like