ڀارت ۾ ٽرڪ اونڌي ٿيڻ سبب 7 مزدور اجل جو شڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ ٽرڪ اونڌي ٿيڻ سبب ان ۾ سوار 7 مزدور فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو آنڌرا پرديش رياست جي ضلعي گوڊا واڙهي ۾ پيش آيو، جتي هڪ ٽرڪ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب ٽرڪ ۾ ڊرائيور سميت 9 ڄڻا سوار هئي، جيڪي مزدوري ڪندا هئا، واقعي کانپوءِ ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.