آءِ سي سي رينڪنگ، بابر ۽ رضوان جي ترقي

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) طرفان جاري ڪيل ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستاني بيٽر بابر اعظم ۽ محمد رضوان هڪ هڪ درجو ترقي ماڻي ورتي آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ پليئرز جي هفتيوار رينڪنگ موجب، انگلينڊ جي جوئي روٽ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، انگلينڊ جو ئي هيري بروڪ ست درجا ترقي ماڻي 12 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز کانپوءِ انگلش بيٽرن جي رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي.
رينڪنگ موجب، پاڪستان جي محمد رضوان هڪ درجو ترقي ڪندي ڏهين کان نائين پوزيشن ماني ورتي آهي جڏهن ته بابر اعظم هڪ درجو ترقي کانپوءِ 12هين کان 11 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي رينڪنگ ۾ سريلنڪا جي اُڀرندڙ نوجوان بيٽر ڪمنڊو مينڊس ڇهه درجا بهتري کانپوءِ 19 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي روي چندرن ايشون جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي، بالرن ۾ پاڪستان جو شاهين آفريدي هڪ درجو ترقي ڪندي ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ٽيسٽ آل رائوندڙز ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جي نمبر ون پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.